ديـوان حـسيـن

ديـوان حـسيـن

ديوان حسين

ديـوان حـسيـن (ڪتاب):’ديوان حسيـن‘ سـنڌ جـي ٽالپـر گھـراڻـي جـي مير نور محمد خان ٽالپر جي فرزند هزهائينس مير محمد حسين علي خان ٽالپر جي فارسي غزلن جو مجموعو آهي. هن جي غزلن ۾ سڄڻ ۽ ساڻيهه جي سونهن ۽ ڪائنات جي حقيقي صداقتن جي اپٽار، وڇوڙي جو درد، ميلاپ جو سرور ۽ حقيقي محبوب جي تعريف شامل آهي. ٽالپر گھراڻي جي هن شخص ’ديوان حسين‘ ۾ پورهيت سان پيار، آزاديءَ جي جدوجهد، انسانيت، ايمان ۽ اخلاق کي بار بار ورجايو آهي. ديوان حسين ايران جي سفارت خاني اسلام آباد مان شايع ٿيندڙ هڪ رسالي ’دانش سه ماهي‘ ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ مير صاحب جا غزل شامل آهن، پر اهو نا مڪمل ديوان آهي.
اصل قلمي ديوان ۾ لڳ ڀڳ پوڻا ٻه سؤ غزل آهن. انهن غزلن ۾ حمد، نعت ۽ منقبت پڻ غزليه انداز ۾ ڪٿي ڪٿي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهو قلمي ديوان مير حسين علي خان ٽالپر جي اولاد وٽ محفوظ آهي، جيڪو اڃا تائين شايع نه ٿيو آهي.


لفظ ديوان حسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو